شيوڪ اخبار

شيوڪ (اخبار): هيءَ هفتيوار اخبار 1916ع ۾ شڪارپور مان جاري ٿي، جنهن جا ايڊيٽر رامچند ويرومل ڀوراڻي ۽ ديوان شيوارام ڦيرواڻي هئا. هن اخبار ۾ اڪثر علمي ۽ معلوماتي مضمون شايع ٿيندا هئا. هيءَ اخبار شيام سندر پريس شڪارپور مان ڇپجي پڌري ٿيندي هئي. اخبار ڇهن سالن تائين مسلسل شايع ٿيندي رهي ۽ 1922ع ۾ بند ٿي وئي.


لفظ شيوڪ اخبارھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو